اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن ۽ واپار بابت نگران وفاقي و??ير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته 40 سال اڳ سعودي عرب جي حڪومت پاڪستانين کي شاهه فيصل ??سجد جو تحفو ڏنو، هاڻ ان مسجد کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ ان جي رنگ روغن ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي سان گڏ شاهه فيصل ??سجد جي دؤري جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. گهرو معاملن وارو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني، ضلعي انتظاميه ۽ سي ڊي اي جا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. گهرو وزي?? سعودي سفير سان ??ڏ ظهر جي نماز ادا ڪئي، جنهن کان پوءِ هنن شاهه فيصل ??سجد جي مرڪزي هال ۽ وڏي اڱڻ ۾ مختلف هنڌن جو معائنو ڪيو. صحافين ڳالهائيندي نگران وفاقي و??ير چيو ته جڏهن مون گهرو وزارت جو منصب سنڀاليو ته پهرئين جمعي جي نماز شاهه فيصل ??سجد ۾ ادا ڪئي. سعودي سفير جو شڪرگذار آهيان جنهن ذاتي دلچسپي وٺندي شاهه فيصل ??سجد جي رنگ روغن شروع ڪرايو، هن چيو ته شاهه فيصل ??سجد جو شمار پاڪستان جي خوبصورت ترين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته سعودي حڪومت طرفان شاهه فيصل ??سجد پاڪستانين لاءِ هڪ تحفو آهي. هاڻ ان مسجد ۾ رنگ روغن شروع ڪيو ويو آهي. گهرو و??ير سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز شاهه فيصل ??سجد جي رنگ روغن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن، اهو ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو.