اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پا??ستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي ٻيو ڀيرو پا??ستان جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ چئني صوبن جي چونڊيل ميمبرن آصف علي زرداري تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري وفاق جي مضبوطي جي ع??امت هوندو. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ۾ وزيراعظم چيو ته اميد آهي ته آصف علي زرداري پا??ستان جي صد?? طور پنهنجون آئيني ذميواريون بهترين طريقي سا?? سرانجام ڏيندو. آصف علي زرداري جو پا??ستان جي صد?? طور چونڊجڻ جمهوري قدرن جو تسلسل آهي، اتحادي پارٽيون گڏجي پا??ستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ڪنديون.