گڏيل ??ومون-05 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسلامي ملڪن جي نمائندگي ڪندي فلسطين جي صورتحال تي بين الاقوامي امن ڪانفرنس گُهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد ٻه رياستي حل جي دائره ڪار ۾ فلسطينين جي اڻمٽ حقِ خوداراديت جي بحالي بابت گڏيل ??ومن جي قرارداد?? تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي. گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم غزه ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي فوري جنگبنديءَ جي مطالبي تي ٻَڌل سلامتي ڪائونسل جي 20 فيبروريءَ جي قرارداد تي آمريڪي ويٽو کانپوءِ گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي برادريءَ کي غزه تي اسرائيلي اڳرائيءَ کي فوري روڪڻ لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي آمريڪا طرفان قرارداد کي ويٽو ڪرڻ تي افسوس ۽ غزه خلاف اسرائيلي اڳرائيءَ جي خاتمي ۾ عالمي برادريءَ جي ناڪاميءَ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو، جنهن ۾ 30 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ گهڻو انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. منير اڪرم گڏيل ??ومن ۾ او آءِ سي گروپ جي وقتي چيئرمين جي حيثيت سان 193 رڪني جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 5 مهينن دوران غزه ۽ فلسطين جي ٻين هنڌ?? تي اسرائيلي اڳرائيءَ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ وڌندڙ مايوسي ۽ ڪاوڙ سان غزه ۾ فلسطيني عوام تي مڙهيل تاريخي ۽ نه ختم ٿيندڙ ظلمن کي ڏسي رهي آهي. غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب وڏي پيماني تي انگ ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ مذهبي ماڳن کي تباهه ڪيو ويو. هن غزه ۾ ناڪافي خوراڪ جي فراهمي ۽ ضروري خدمتن سبب غزه ۾ وڏي انگ تي غذائي کوٽ جي وڌندڙ خطري کان خبردار ڪندي غزه ۾ انساني امداد جي فراهميءَ لاءِ جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. هن فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل ??ومن جي اداري يو اين اي آر ڊبليو اي کي ختم ڪرڻ ۽ عطيو ڏيندڙن طرفان اداري جي فنڊنگ روڪڻ جي اسرائيلي مطالبي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته گڏيل ??ومن اندر مختلف ڌُرين سان گڏوگڏ عالمي برادريءَ جي ميمبرن طرفان اڳواٽ ڪوششن باوجود اڳتي به وڏن خطرن جا اشارا موجود آهن. ان سلسلي ۾ هن چيو ته غزه ۾ وڏي پيماني تي ڏُڪار جو خطرو آهي، جنهن سان والاريل ??لسطيني علائقي ۾ فلسطينين جي تمام وڏي انگ لاءِ خوراڪ جي ناڪافي فراهمي ۽ ضروري خدمتون آهن. منير اڪرم چيو ته دنيا کي فلسطيني عوام جي حق خوداراديت واري حق جي حاصلات ۽ گڏيل ??ومن جي لاڳاپيل ??راردادن ۽ عرب امن قدمن مطابق 1967ع جي سرحد?? تي ٻَڌل ان جي سرزمي?? تي پنهنجي آزاد ۽ خودمختار رياست قائم ڪرڻ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ بيت ال??قدس هجي.