اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مفاد ۾ سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ايس آئي ايف سي جي ذريعي ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي دو??ي تي آيل سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود ۽ وفد جي مان ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ منفرد لاڳاپن ۾ گڏيل مفاد ۾ سيڙپڪاري، واپار سميت ٻين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سعودي عرب جي وفد جي پاڪستان جي دو??ي تي سعودي عرب جا ٿورائتا آهيون جڏهن ته پوري قوم سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جي منتظر آهي، دوري دوران گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته اس???? هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، اس??ن سيڙپڪاري بابت عالمي ماهرن جي مشاورت سان فزيبلٽي تيار ڪئي آهي، اڄ جي ڳالهه ٻولهه سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي، سعودي عرب سان اربين ڊالر جي سيڙپڪاري جا معاهدا ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سعودي عرب جي معيار تي پورو لهنداسين، ايس آئي ايف سي شاندار ماڊل آهي جنهن مختصر وقت ۾ بهترين مڪينزم جوڙيو آهي، اس??ن پنهنجا هدف حاصل ڪنداسين، ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي ۾ آرمي چيف ۽ اهم سياسي شخصيتون شامل آهن، اس??ن گڏجي پنهنجو مشن مڪمل ڪنداسين، گڏيل منصوبن کي مڪمل ڪري اس??ن پنهنجو هدف حاصل ڪنداسين. سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڀرپور اس??قبال ۽ ميزباني تي ٿورا مڃون ٿا، سعودي عرب جي وفد جي پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي نئين دور جي شروعات ٿي آهي. آجياڻي ۾ وفاقي وزير، پارليامينٽ ميمبر، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير سميت اعليٰ عسڪري ۽ سول عملدار پڻ موجود هئا.