اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريا?? واري ??فاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خضدار ۾ ريموٽ ڪنٽرول ڌماڪي ۾ خضدار پريس ڪلب جي صدر سينيئر صحافي محمد صديق مينگل جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته محمد صديق مينگل هڪ باصلاحيت صحافي هو جنهن بلوچستان ۾ صحافت جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته محمد صديق مينگل جي شهادت صحافي برادري جي لاءِ وڏو نقصان آهي. اطلاعا?? واري ??فاقي وزير چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ڌماڪي جي مڪمل جاچ ڪرائي ويندي ۽ ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسين. هن چيو ته خضدار پريس ڪلب جي صدر جي مارجڻ تي صحافي برادري ۽ گهرڀاتين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ محمد صديق مينگل مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي. اطلاعا?? واري ??فاقي وزير ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي جي لاءِ پڻ دعا ڪئي.