اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڙپڪاري بورڊ کي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ نئين ڪاروبار جي شروعات لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪرڻ جو هدف ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪ??متن کي اعتماد ۾ وٺي ون ونڊو آپريشن جي طرز تي هڪ طريقيڪار جوڙيو وڃي، ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ دوست ملڪن جي ڪ??روباري وفدن جي دورن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي، ٻاهرئين ۽ مقامي ڪ??روباري ۽ سيڙپڪار برادري جي حڪ??متي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪ??ي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ آساني ۽ فروغ جي لاءِ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن ڄام ڪمال خان، محمد اورنگزيب، عبدالعليم خان، احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن ڊاڪٽر جهانزيب خان، قومي اسيمبلي ميمبرن پرويز ملڪ، بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان کانسواءِ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز ۽ ناليواري ڪ??روباري شخصيتن وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾سيڙپڪاري جي فروغ ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ ون ونڊو آپريشن جي طرز تي جديد ۽ عالمي معيار جي نظام جي جوڙجڪ جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم سيڙپڪاري بورڊ کي سمورين لاڳاپيل وزارتن، ادارن، ڪاروباري برادري ۽ صوبائي حڪ??متن کي اعتماد ۾ وٺي جلد هڪ ٺوس نظام کي حتمي شڪل ڏئي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پوري دنيا ۾ سيڙپڪاري اتي وڃي ٿي جتي ڪ??روبار ۾ گهٽ ۾ گهٽ رڪاوٽون هجن. گذريل حڪ??مت جي دور ۾ بطور خادم پاڪستان ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي فروغ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا. خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاليسين جي تسلسل ۽ ملڪ جي معاشي بحالي جي هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ بهترين م??اون جو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ اسان جي ٽيم جي محنت جو واضح ثبوت آهي، جنهن تي سمورا لاڳاپيل وزير ۽ آفيسر ساراهه جي قابل آهن. هن چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ دوست ملڪن جي ڪ??روباري وفدن جي دورن ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي، ٻاهرئين ۽ مقامي ڪ??روباري ۽ سيڙپڪار برادري جي حڪ??متي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي ڪ??ي ٿو. سيڙپڪاري بورڊ سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪ??متن کي اعتماد ۾ وٺي ون ونڊو آپريشن جي طرز تي هڪ طريقيڪار جوڙي. اهڙو طريقيڪار تجويز ڪيو وڃي جو سيڙپڪارن ۽ نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي گهٽ ۾ گهٽ رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پوي. ان حوالي سان عالمي شهرت يافته ماهرن جون خدمتون پڻ ورتيون وڃن. طريقيڪار جوڙڻ وقت ڪاروباري برادري جي نمائندن ۽ صوبائي حڪ??مت کي به اعتماد ۾ ورتو وڃي.