اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف جي وچ ۾ پرڏيهي آفيس ۾ وفدن جي سطح تي ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان اڳ??رائي ۽ گڏيل دلچسپي جي علا??قا??ي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن واپار، توانائي، دفاع، تعليم، موسمياتي تبديلي ۽ علا??قا??ي رابطن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.