شينزن – 05 – جون (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيني ڪمپنين تي زور ڏنو آهي ته ??هي پاڪستان ۾ نجڪاري جي لاءِ غور هيٺ 84 سرڪاري ادارن جي نجڪاري جي عمل ۾ حصو وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ چين بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وز??راعظم پاڪستان جي 24 هين وڏي معيشت هجڻ جي حيثي سان ماضي جي معاشي ڪارڪردگي جي سٺي ٽريڪ رڪارڊ جو ذڪر ڪندي چي?? ته حڪومتن جي بار بار تبديلي ۽ سياسي غيريقيني صورتحال معاشي پروگرام کي شديد نقصان پهچايو. هن چي?? ته وز??راعظم محمد شهباز شريف وٽ هڪ تمام وڏو واضح روڊ ميپ آهي جنهن ۾ روانگي واپار وڌائڻ سميت واڌويجهه جي شرح سان صنعتڪاري ۽ روانگي واپار جي متبادل جي طور تي ٻڌل صنعت شامل آهي جنهن جو بنيادي مقصد مالياتي خساري کي گهٽ ڪرڻ اهي. نائب وز??راعظم آءِ ٽي، زراعت، کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات ۾ ملڪ جي صلاحيتن جو خاص طور تي ذڪر ڪندي چي?? ته بزنس فورم گذريل تقريبن کان مختلف آهي ڇ?? ته ان ۾ پاڪستان ۽ چين جي ڪاروباري ادارن جي م??چ ميڪنگ شامل آهي. هن چيني واپارين تي زور ڏن?? ته ??هي پاڪستان جي صلاحيت کي نظر ۾ رکن. نائب وز??راعظم چيني واپارين کي ٻڌاي?? ته پاڪستان ۾ مزدوري جي لاڳت تمام مناسب آهي جڏهن ته سيڙپڪاري جي سهولت ۽ آسان پروسيسنگ جي لاءِ وز??راعظم جي سربر??هي ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جوڙي وئي آهي جنهن ۾ سموريون لاڳاپيل وزارتون ۽ صوبائي وڏا وز??ر هڪ ڇت هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته اسان هڪ گهري ساختي اقتصادي تبديلي طرف وڃي رهيا آهيون ۽ اسان 20 G-۾ شموليت جي هدف تائين پهچڻ جي لاءِ تيز رفتاري سان ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيني فرمز تي زور ڏنو آهي ته ??هي پاڪستان ۾ نجڪاري جي عمل ۾ حصو وٺن. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار وز??راعظم محمد شهباز شريف سان گڏ چين جي 5 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي، پاڪ چين بزنس فورم کي وز??راعظم پڻ خطاب ڪيو.