اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي ا??ن اي) جي سالياني چونڊن ۾ نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ صحافت جي معيار جي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قدم کڻندا. وزيراعظم آفيس جي م??ڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب و??يراعظم ارشاد احمد عارف کي ??در، اعجازالحق کي ??يڪريٽري جنرل، انور ساجدي کي ??ينيئر نائب صدر ۽ باقي چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي ا??ن اي) جون ملڪ ۾ معياري صحافت جي لاءِ وڏيون خدمتون آهن. پراميد آهيان ته سي پي ا??ن اي جا نوان چونڊيل عهديدار ملڪ ۾ صحافت جي معيار جي وڌيڪ بهتري ۽ فيڪ نيوز جي خاتمي لاءِ قدم کڻندا. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ صحافت جي آزادي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. صحافتي برادري جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.