اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزي?? چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ سان جو??اء?? تائين اسٽاف سطح جو معاهدو ٿيڻ جي ام??د آهي. پوسٽ بجيٽ ??ريس ڪانفرنس دوران هن ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان اسان جي ورچوئل ڳالهه ٻولهه جاري آهي، ان حوالي سان مثبت اڳڀرائي ٿي آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اڃان به اسان جي جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اهو مثبت رخ آهي، ان حوالي سان اسان اتحادي پارٽين کي بريفنگ پڻ ڏني آهي. اسان کي ام??د آهي ته جو??اء?? تائين اسٽاف سطح جو معاهدو ٿي ويندو.