اسلام آ??اد-12 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نيشنل انسٽيٽيوٽ آف مينيجمينٽ اسلام آباد ۾ تربيت هيٺ سينئر مينيجمينٽ ڪورس جي آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا. هو تقريب جو خاص مهمان هو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب 35 هين سينئر مينيجمينٽ ڪورس ۾ مخ??لف گروپس جا آفيسر تربيت هيٺ هئا. پرڏيهي وزارت، ڪسٽمز، سيڪريٽريٽ گروپ ۽ مخ??لف ٻين شعبن جا 48 آفيسرن تربيت هيٺ هئا.