ڪو??يٽ?? – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بلوچستان ۾ نادرا جي 21 نئين رج??ٽر??شن سينٽرز ۽ 6 موبائيل رج??ٽر??شن وهيڪلز جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، بلوچستان اسيمبلي جو اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر، صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان شڪيل قادر خان سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز ا??مد بگٽي سان گڏ ڪو??يٽ?? ۾ صوبي ۾ نادرا جي 21 نئين رج??ٽر??شن سينٽرز ۽ 6 نئين موبائيل رج??ٽر??شن وهيڪلز جو افتتاح ڪيو. هن وفاقي ادارن جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته حڪومتي ادارا بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ خدمتن جي آسان فراهمي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن ته جيئن عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن ۾ گهٽتائي ٿئي، وفاقي حڪومت عوام جي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي. نائب وزيراعظم صوبي ۾ نادرا جي نئين رج??ٽر??شن سينٽرز ۽ ايم آر ويز جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان جي ڏورانهن علائقن جي 21 تعلقن ۾ نئين رج??ٽر??شن مرڪزن جي قيام سان عوام کي رج??ٽر??شن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، انهن کي رج??ٽر??شن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته نئين رج??ٽر??شن مرڪزن ۽ موبائيل وهيڪلز سان عو??م خاص طور تي وڏي عمر جي ماڻهن ۽ عورتن کي گهر جي درن تي رج??ٽر??شن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي سهولت ملندي.