اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ٽئين ورسيءَ تي کيس شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته شڊيد ۽ بي پناهه مشڪلاتن جي باوجود ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي لاءِ سيد علي گيلاني جو پختو عز?? بي مثال هو. ترجمان چيو ته سيد علي گيلاني ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جو سچو ??واز هو جيڪو ڊگهي عرصي تائين گهر ۾ نظربند رهڻ کانپوءِ پهرين سيپٽمبر 2021ع تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. هن چيو ته اسان انصاف ۽ آزادي جي لاءِ سيد علي گيلاني جي سڄي زندگي جي جدوجهد کي زبردست خراج تحسين ۽ سندس ياد کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. ترجمان چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منص??اڻ?? ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميري ڀائرن ۽ ڀي??رن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪريون ٿا.