اسلام آباد – 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ويو. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم شهباز شريف مولانا فضل الرحمان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب م??لانا فضل الرحمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اچڻ تي سندس آجيان ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊا??، وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.