لاهور-06 سيپٽمبر (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان 6 سيپٽمبر يوم دفاع جي حوالي سان جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آ??ي ته هن سال اسان سڀني کي يوم دفاع کي ”يوم وفا“ طور ملهائڻ جو وچن ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته پ??ڪ فوج سڄي قوم جو فخر آهي ۽ ”سپاه سان وفا“ ۾ ئي وطن عزيز جي بقاءَ آهي. هن چيو ته 6 سيپٽمبر 1965ع تي بهادر فوج دشمن کي س??ق سيکاريندي جرئت ۽ بهادري جا جيڪي داستان لکيا آهن انهن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسان جي جوانن گهٽ کان گهٽ وسيلن سان پاڻ کان وڏي دشمن کي ڪمزور ڪري ڏيکاريو. ملڪ اڄ به دهشتگردي ۽ ??شمن جي ناپاڪ ارادن کي منهن ڏئي رهيو آ??ي ۽ انهن مشڪل حالتن ۾ هڪ دفعو ٻيهر هر پاڪستاني پ??ڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جو وچن ورجائي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته 6 سيپٽمبر جو ڏينهن اسان سڀني جي رت کي گرمائي ٿو ۽ ملڪ لاءِ قربانين جي عزم کي تازو ڪري ٿو ۽ يوم دفاع تي اسان سڀ پ??ڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا.