اسلام آباد -14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته بجلي سان هلندڙ گاڏين سان نه رڳو پيٽرول ۽ ڊيزل جي آمدني واپار ۾ قيمتي مٽاسٽا واري ناڻي جي بچت ٿيندي، پر اهي گاڏيون ماحول دوست به هونديون، ملڪ ۾ بجلي تي هلندڙ گاڏين کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت ترجيحي قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم اليڪٽرڪ وهيڪلس جي ح??الي سان هڪ جامع فنانشل ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اليڪٽرڪ وهيڪلز جي استعمال جي ح??الي سان اجلاس وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو. ان موقعي تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ بجلي تي هلندڙ گاڏين کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت ترجيحي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم اليڪٽرڪ وهيڪلز جي ح??الي سان هڪ جامع فنانشل ماڊل پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن ان حوالي سان وف??قي ناڻي واري وزارت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سان مشاورت جي پڻ هدايت ڪندي چيو ته اي وهيڪلز پاليسي هلندڙ سال نومبر تائين مڪمل ڪئي وڃي. هن ملڪ ۾ اي وهيڪلز جي تياري جي ح??الي سان لائينسز جي ضابطيڪار کي بهتر بڻائڻ، اي وهيڪلز پاليسي جي ح??الي سان سمورن صوبن ۽ وف??قي اسٽيڪ هولڊرز سان ضروري مشاورت ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ليپ ٽاپ اسڪيم جي طرز تي سرڪاري اسڪولن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۾ اي موٽر بائيڪس ورهايون وينديون. وزيراعظم اڳتي سمورن وف??قي سرڪاري ادارن ۾ صرف اليڪٽرڪ موٽر بائيڪس جي خريداري ڪئي ويندي ته جيئن قومي خزاني جي بچت ٿئي. وزيراعظم ان حوالي سان سمورن وف??قي وزارتن کي هدايت جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي کي اسلام آباد ۾ بجلي تي هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ح??الي سان جامع پلان جوڙڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس کي ملڪ ۾ اي وهيڪلز جي استعمال کي هٿي ڏيڻ جي ح??الي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 2022ع کان هن وقت تائين مقامي سطح تي ٻن ۽ ٽن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري لاءِ 49 لائيسنس جاري ڪيا ويا آهن. جن مان 25 ڪارخانن ۾ انهن گاڏين کي ٺاهڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته چئن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ گاڏين جي مقامي سطح تي تياري جي ح??الي سان پهريون لائيسنس سيپٽمبر 2024ع ۾ جاري ڪيو ويو آهي. مقامي سطح تي تيار ڪيل پهرين اليڪٽرڪ ڪار هلندڙ سال ڊسمبر تائين مارڪيٽ ۾ اچي ويندي. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هن وقت ٻ?? ۽ ٽن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ گاڏين جو انگ 45 هزار جڏهن ته چئن ڦيٿن تي هلندڙ اليڪٽرڪ وهيڪلز جو انگ 2600 آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ رچارج اسٽيشنز ترجيحي بنيادن تي موٽر ويز، جي ٽي روڊ (قومي شاهراه 5) قومي شاهراه 65 ۽ 70 لڳايا ويندا. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وف??قي وزير ??حد خان چيمه، صنعت ۽ پيداوار واري وف??قي وزير راڻا تنوير حسين، توانائي واري وزير اويس احمد خان لغاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وف??قي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، ناڻي ۽ محصول واري وف??قي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي موسمياتي تبديلي بابت ڪو آرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.