اسلام آباد _ 10 آڪٽوبر (اي پي پي )واپار واري وفاقي و??ير ڄام ڪمال چيو آهي ته پاڪستاني ڪمپنين جي صلاحيت وڌائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۽ سعودي عرب ??چ ۾ واپار جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪستان سعودي ويزن 2030ع کي مڪمل ڪرڻ لاءِ افرادي سگهه ۽ ٻ??ون سهولتون فراهم ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. انهن خ??الن جو اظهار هن خ??يس ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ پاڪ – سعودي بزنس فورم 2024ع جي افتتاحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو . واپار واري وفاقي و??ير سعودي عرب کان آيل ڪاروباري ماڻهن، ڪمپنين ۽ ٻ??ن سعودي اختيارين جو شڪريه ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب گڏيل ثقافت ۽ قدر رکن ٿا ۽ ٻ??هي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري شراڪت داري قائم آهي . ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان چانورن، گوشت ، چمڙي ، دالين ، ميون ۽ ٻ?? مصنوعات وڏي مقدار ۾ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ڪندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت واپار واري وزارت ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ لاءِ جامع قدم کڻي رهي آهي. واپار واري و??ير چيو ته پاڪستان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سعودي عرب کي خدمتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿو. ان کان علاوه فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي مان پڻ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو. ڄام ڪمال چيو ته پاڪستان فيبروري 2025ع ۾ سعودي عرب ۾ سنگل ڪنٽري ايگزيبيشن منعقد ڪرڻ وارو آهي جنهن ۾ سعودي سيڙپڪارن ۽ عوام کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ، معدنيات ۽ ٻ??ن شعبن ۾ سيڙپڪاري جو موقعو ملندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب ??اپار ۾ اضافي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.