بيجنگ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته سي پيڪ، واپاري راهداريون گرين انرجي ?? ڪلين ٽيڪنالاج?? تي ٻڌل آهن، هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي بڻايو ويندو، ٽرانسپورٽ جي شعبي جي ترجيح معاشي بهتري، روزگار جي فراهمي ۽ قومي ترقي جي ايجنڊا کي حوصلو ڏيندڙ آهي. وفاقي وزير چين ۾ گلوبل ٽرانسپورٽ فورم 2024ع کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي شهري آبادي ۾ واڌ ۽ ماحولياتي تباهيءَ جا وڏا چئلينج درپيش آهن، آمدورفت جي ذريعن ۾ بهتري لاءِ شهرين جي تحفظ کي به نظر ۾ رکڻو پو??دو، سي پيڪ ۽ چائينا بيلٽ روڊ منصوبن سان ??اڪستان ۽ چين ٻئي فائدو ماڻيندا. وفاقي وزير چيو ته پاڪ چائينا اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) تحت انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبن ۾ بهتري آندي پئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته سي پيڪ جون واپاري رهداريون گرين انرجي ?? ڪلين ٽيڪنالاج?? تي ٻَڌل آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ?? غير مناسب ٽرانسپورٽ سسٽم معاشي دٻاءُ جو سبب آهي، اسان کي هاءِ ويز ۽ بندرگاهن کي مستقبل جي ضرورت موجب بڻائڻو آهي. مواصلاتي نظام ۾ بهتريءَ سان ??عيشت سميت ثقافت ۽ معاشرت کي هٿي ملندي. هن چيو ته ڪورونا جي وبا کانپوءِ ٻين تبديلين کان علاوه گلوبل لاجسٽڪس پڻ نئون رُخ اختيار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اِي ڪامرس ۽ ڊجيٽل طريقن سان ??رانسپورٽ جي شعبن ۾ ضم ٿيڻ سان بهتري آئي آهي، گلوبل ٽرانسپورٽ فورم سان ??رانسپورٽ جي شعبي کي مُنهن ڏيڻ وارن مسئلن جا نوان حل تلاش ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ??واصلات جي شعبي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ گرين ٽيڪنالاجي جو حامي آهي. هن چين جي ٽرانسپورٽ واري وزير سان خاص ٿورو مڃيو. بيجنگ ۾ ٿيل گلوبل ٽرانسپورٽ فورم مان ??يپال ۽ ٿائلينڊ جي نائب وزيراعظم به خطاب ڪيو. فورم ۾ آذربائيجان، ڪمبوڊيا، يونان، ڪينيا، ڪويت، قطر، سنگاپور، تاجڪستان ۽ تنزانيه جي وزيرن به شرڪت ڪئي. بعد ۾ چين ۽ پاڪستان کان علاوه ازبڪستان، ويٽنام ۽ ٻين ملڪن جا اعليٰ عملدار به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا.