اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان پاڪستان ۾ سع??دي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ گهري ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن سع??دي عرب جي 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم مخت??ف عالمي پل??ٽ فارمز تي پاڪستان جي لاءِ سع??دي عرب جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. سع??دي عرب جي سفير پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي لاءِ ملڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.