رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سل??ان مضبوط پاڪ سعودي اقتصادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي دائري ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي ات??اق ڪيو آهي، ??نه?? اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) جي اٺين اجلاس جي موقعي تي سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سل??ان سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم خادم حرمين شريفين شاهه سل??ان بن عبدالعزيز جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس صحت ۽ تندرستي جي لاءِ دعا ڪئي. هن عالمي مالياتي ادارن سان لاڳاپيل معاملن تي سعودي عرب جي پاڪستان جي حمايت تي محمد بن سل??ان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم سندس ۽ سندس وفد جي شاندار مه??ان نوازي تي پڻ ولي عهد جا ٿورا مڃيا. فيوچر انويسٽمينٽ ڪانفرنس من??قد ڪرڻ جي حوالي سان سعودي ولي عهد جي دورانديش قيادت کي ساراهيندي وزيراعظم چيو ته سعودي ويزن 2030ع پاڪستان جي اهم پاليسي مقصدن سان هم آهنگ آهي. ??نه?? اڳواڻن مضبوط پاڪستان سعودي اقتصادي حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي تعاون جي دائره ڪار ۾ جاري ٻطرفو تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي ات??اق ڪيو. وزيراعظم سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير جي قيادت ۾ اعليٰ سطح جي سعودي وفد جي تازي دوري جو ذڪر ڪيو ۽ ان دوري دوران صحيحون ڪيل مفاهمت جي يادداشتن (ايم او يوز) جي بنياد تي هڪ پاڪ سعودي معاشي حصيداري جو خلاصو ڪيو. ??نه?? اڳواڻن خطي ۾ جاري اسرائيلي جارحيت تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ بي پناهه تباهي ٿي آهي. سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل مذهبي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سل??ان جي وچ ۾ ٿيندڙ اها ملاقات ان ڳالهه جي عڪاس آهي.