لاهور-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گلبرگ ۾ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير شافع حسين به موجود هو. چوڌري شجاعت حسين ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شه??دن سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. محسن نقوي ۽ شجاعت حسين شه??دن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. چوڌري شجاعت حسين ??فاقي حڪومت کي تعمير ٿيندڙ نَون روڊن کي شه??دن جي نالن سان منسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وفاقي وزير، چوڌري شجاعت حسين جي مطالبي سان اتفاق ڪندي اسلام آباد ۾ تعمير ٿيندڙ نَون روڊن جا نالا شه??دن سان منسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ٻين صوبن جي وڏن وزيرن سان ان تي عملدرآمد لاءِ ڳالهائيندس. چوڌري شجاعت حسين چيو ته اهو ڪم وطن جي شه??دن ۽ـ انهن جي پونئيرن سان حڪومت جي يڪجهتيءَ جي اظهار جي حوالي سان هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان بي مثال قرب??ني??ن ڏنيون آهن. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ هزارين ??اڪست??ني?? شهادت ماڻي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان شه??دن جي عظيم قرب??ني?? جو قرض ادا نٿو ڪري سگهي. شه??دن پنهنجي رت سان امن قائم ڪيو آهي، اسان شه??دن جي پونيئرن سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين. هن واضح ڪيو ته ڌماڪا بهادر پاڪستاني قوم جو مقدر ناهن، قوم جي حمايت سان ان ناسور کي ختم ڪنداسين. چوڌري شجاعت آسٽريليا خلاف 22 سالن کانپوءِ ون ڊي سيريز کٽڻ تي محسن نقوي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته توهان جي محنت ۽ رانديگرن جي ڪارڪردگي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.