رياض – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ فرانس جي صدر اي??ان??ئل ميڪرون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون وڌ??ئڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل خواهشن جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ون واٽر سربراهي اجلاس جي موقعي تي فرانس جي صدر اي??ان??ئل ميڪرون سان ٻطرفي ملاقات ٿي. وزيراعظم رياض ۾ ون واٽر سمٽ جي ڪامياب گڏيل ميزباني تي صدر ميڪرون کي مبارڪباد ڏني. موسمياتي تبديلي ۽ ترقياتي معاملن تي فرانس جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم 2022ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ صدر ميڪرون جي ??اڪ??تاني عوام جي لاءِ ڀرپور حمايت کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ??اڪ??تان ۽ فرانس جي وچ ۾ زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي، پيشيواراڻي مهارتن ۾ ترقي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن جي ذريعي تعاون وڌ??ئڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ??اڪ??تان فرانس لاڳاپن جي مثبت رخ تي اطمينان جو اظهار ڪندي مختلف شعبن بشمول سياسي، اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري سان گڏوگڏ گڏيل قومن سميت گهڻ رخي فورمز تي تعاون تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ فرانس کي ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن خاص طور تي موسمياتي موافقت ۽ قابل تجديد توانائي مان فائدو کڻڻ جي دعوت ڏني. هن گڏيل دلچسپي جي سمورن علائقائي ۽ عالمي مسئلن جي حوالي سان رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي گڏيل خو??هش جو پڻ ورجاءُ ڪيو.