اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو آهي ته نياڻين لاءِ پائيدار ??عل??مي موقعن جي فراهمي لاءِ اجتماعي ڪوششون گهربل آهن، نياڻين کي معياري ??عل??م جي فراهمي سان معاشرو مضبوط ۽ ترقي يافته ٿيندو، سرندي وارا ۽ ڪاروباري ادارا نياڻين جي ??عل??م کي يقيني بڻائڻ لاءِ قابل توسيع ۽ پائيدار موقعا تلاش ڪرڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪن، نياڻيون پنهنجي قابليت سان قومي ۽ عالمي معيشت ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف اهڙو اظهار ”مسلم معاشرن ۾ نياڻين جي ??عل??م، چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي رٿيل ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي ويهڪ ۾ مُک خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي ۽ مقامي تنظيمن، سرندي وارين ڌرين سميت ڪاروباري ادارن تي زور ڀريو آهي ته اهي نياڻين جي ??عل??م کي يقيني بڻائڻ لاءِ قابل توسيع ۽ پائيدار موقعا تلاش ڪرڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين. هن ??يو ته نياڻين کي معياري ??عل??م جي فراهمي سان معاشرو مضبوط ۽ ترقي يافته ٿيندو. هن ??يو ته نياڻيون پنهنجي قابليت سان قومي ۽ عالمي معيشت ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿيون. وزيراعظم ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جي آجيان ڪندي ??يو ته ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان لاءِ هڪ اعزاز آهي. وزيراعظم ??يو ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ لکين نوجوان نياڻيون جاب مارڪيٽ ۾ داخل ٿينديون جنهن ۾ سماجي ترقي ۽ معاشي خوشحالي جا بي پناهه امڪان آهن. هن ??يو ته نياڻين ۾ اها صلاحيت آهي ته اهي نه رڳو پاڻ کي پنهنجي خاندان ۽ قوم کي غربت مان ڪڍي سگهن ٿيون پر عالمي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ گڏيل چئلينجز لاءِ حل تلاش ڪري سگهن ٿيون. وزيراعظم ??يو ته قائداعظم محمد علي جناح قومي تعمير ۾ عورتن جي ڪردار جو پُرزور حامي هو. هن ??يو ته ڪا به قوم ان وقت تائين عظمت جي بلندين تائين نٿي پهچي سگهي جيستائين ان جون عورتون مردن سان گڏ نه هجن. وزيراعظم ??يو ته پنهنجي ڀرپور ميراث باوجود پاڪستان سميت مسلمان دنيا کي نياڻين لاءِ ??عل??م تائين برابري جي پهچ کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم چئلينجز آڏو آهن. هن ??يو ته نياڻين کي ??عل??م کان محروم، ڪرڻ انهن جي آواز کي ۽ چونڊ کان انڪار ڪرڻ برابر آهي، جڏهن ته کين روشن مسقبل جي حق کان محروم ڪرڻ به آهي. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستان ۾ عورتون ڪل آبادي جي اڌ حصي کان به وڌيڪ آهن، ان باوجود عورتن جي خواندگي جي شرح صرف 49 سيڪڙو آهي جڏهن ته خطرناڪ حد تائين اٽڪل 22.8 ملين ٻار جن جون عمريون پنج کان اٺن سالن وچ ۾ آهن اهي اسڪول کان ٻاهر آهن جن ۾ نياڻين جو وڏو انگ آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي ??يو ته ناڪافي انفرااسٽرڪچر حفاظتي خدشن سان گڏوگڏ ڪجهه سماجي روايتن به هن مسئلي کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏيو آهي. هن ??يو ته پاڪستان ۾ ??عل??مي فرق کي ختم ڪرڻ طرف هڪ وڏو قدم دانش اسڪولن جو قيام هو جيڪو ٻهراڙي ۽ گهٽ ترقي يافته علائقن ۾ غير مراعت يافته ٻارن کي معياري ??عل??م فراهم ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايل هڪ منفرد قدم آهي. هن ??يو ته ان قدمن کي هاڻي پاڪستان جي ڏورانهن علائقن ۾ به اختيار ڪيو پيو وڃي جنهن سان هڪ حوصلي واري ۽ وڌيڪ جامع مستقبل جي راهه هموار ٿي رهي آهي. هن تقريب ۾ دانش اسڪولن مان ??عل??م حاصل ڪري فارغ ٿيندڙ شاگردن جي موجودگي تي به اطمينان جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ ??يو ته انهن جي موجودگي انهن جي ڪوششن ۽ اجتماعي خواب جي تعبير جي گواهي آهي، ڇاڪاڻ ته هي اميد ۽ قوم جي روشن مستقبل کي جوڙي رهي آهي. وزيراعظم ??يو ته فليگ شپ يوٿ پروگرام ذريعي حڪومت معياري ??عل??م فراهم ڪرڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جنهن ۾ هٿرادو ذهانت، ڊيٽا ايناليٽڪس ۽ سائبر سيڪيورٽي جي فراهمي ۽ اعليٰ ڪاميابي حاصل ڪندڙن کي ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپ جي فراهمي سميت پيشيوراڻي تربيت شامل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??يو ته اسان تي لازمي آهي ته اسان پنهنجي مائرن ڀينرن لاءِ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته انهن جي حقن جو احترام ڪيو وڃي، انهن جي ارادن جي پڄاڻي ٿي ۽ ڪا به ثقافتي رڪاوٽ انهن جي خوابن کي حاصل ڪرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجي. وزيراعظم ??يو ته علم جي حاصلات صنف کان مٿانهون ٿي هر مسلمان لاءِ هڪ اهڙو مقدس فرض آهي جنهن تي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم زور ڀريو آهي. وزيراعظم ??يو ته تاريخ شاهد آهي ته عورتن جي همت، عزم ۽ استقلال جي گواهي ڏني وئي جن پنهنجي لاءِ مختص شعبن ۾ ترقي ڪئي، معاشرتي غلامي جون زنجيرون ٽوڙيون ۽ اسلامي تاريخ جي شروعاتي ڏينهن کان ئي معاشري تي پنهنجا اڻمٽ نشان ڇڏيا. هن حضرت بي بي خديجه رضي الله عنه جو حوالو به ڏنو جيڪا هڪ ڪامياب ڪاروباري عورت ۽ متاثر ڪندڙ مثال آهي. هن ??يو ته پاڪستان ۾ مادر ملت محترمه فاطمه جناح تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻي ڪندي پنهنجي ڀاءُ قائداعظم محمد علي جناح سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي هئي. هن اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي ??يو ته هو مسلمان دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم هئي، وزيراعظم مرحومه ارفع ڪريم جو به ذڪر ڪيو جنهن 9 سالن جي عمر ۾ مائيڪرو سافٽ سرٽيفائيڊ پروفيشنل طور تاريخ رقم ڪئي ۽ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعليٰ مريم نواز جهڙي متحرڪ سياسي اڳواڻ به صوبي جي قيادت ڪري رهي آهي ۽ عورتن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور بااختيار بڻائڻ ۾ مسلسل حوصلا افزائي ڪري رهي آهي. وزيراعظم ڪانفرنس جي حمايت ۽ سرپرستي تي خادمين حرمين الشريفين شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جو ٿورو مڃيو. هن ??عل??م جي شعبي لاءِ خدمتن تي مسلم ورلڊ ليگ جو به ٿورو مڃيو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مقصدن ۽ امت جي اجتماعي امنگن جي عڪاسي ڪندي اسلام آباد پڌرنامي تي صحيحون ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اسلامي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر حسين ابراهيم طحه ??يو ته خوبصورت شهر اسلام آباد ۾ مسلم امت ۾ نياڻين جي ??عل??م جي حوالي سان اهم ڪانفرنس ۾ شرڪت جو موقعو فراهم ڪرڻ تي پاڪستان حڪومت جو ٿورائتو آهيان. هن ف??سطين ۾ عورتن جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن ??يو ته ملڪي مشڪلاتن ۽ گهريلو مجبورين سبب عورتن جي ??عل??م کان محرومي ڳڻتي جو سبب آهي، عالمي برادري کي گهرجي ته هو فلسطين ۾ ظلم ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. رابطه عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، او سي جي سيڪريٽري جنرل سميت ٻين شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيندي ??يو ته اسلام ۾ ??عل??م، خاص ڪري نياڻين جي ??عل??م تي تمام گهڻو زور ڀريو ويو آهي. هن ??يو ته نياڻين کي بنا خوف ۽ رڪاوٽ جي ??عل??م جا برابري جا موقعا ملڻ گهرجن. اڄ اسان پاڪستان ۾ گڏ آهيون، اسلام جو پيغام ڪنهن صنفي فرق کانسواءِ علم جو آهي، مذهب، سياست ۽ معاشيات سميت سمورن شعبن ۾ عورتن مسلم امت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ??يو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جو فرمان آهي ته علم حاصل ڪرڻ هر مسلمان تي فرض آهي، ان ۾ مرد ۽ عورت جي ڪا به قيد ناهي. هن ??يو ته نياڻين جي ??عل??م کي هٿي ڏيڻ بنيادي اهميت واري آهي ۽ ??عل??م ئي ترقي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن ??يو ته اسلامي شريعت ۽ قانون ۾ عورتن جي حقن خاص ڪري علم جي حاصلات جي حق جو تحفظ ڪيو ويو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلام آباد پڌرنامو نياڻين جي ??عل??م کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان مسلمان امت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. ??عل??م ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ??يو ته ??عل??م هر فرد جو بنيادي حق آهي، استادن جي تربيت، مفت ??عل??م ۽ سفري سهولتون ۽ آن لائن ??عل??م جي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي نياڻين ۾ ??عل??م جي شرح کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. هن ??يو ته مسلم معاشري ۾ نياڻين جي اڪثريت ??عل??م جي حق کان محروم رهجي وڃي ٿي ان جو وڏو سبب ڪلچر ۽ مذهب جي غلط تشريح آهي، هن ??يو ته اسان کي ??عل??م کي پنهنجو ورثو سمجهڻو پوندو. وفاقي وزير ??يو ته پاڪستان حڪومت خاص طور تي نياڻين جي ??عل??م تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي جنهن سبب پاڪستان ۾ ??عل??م جي شرح ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پاڪ فوج جي پهرين عورت ليفٽيننٽ جنرل (ر) نگار جوهر افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي ??يو ته عورتن جي ??عل??م جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ انهن جي فيصلا سازي ۽ پاليسي سازي ۾ شموليت کي يقيني بڻائڻو پوندو. هن ??يو ته عورتن جي ??عل??م لاءِ چئلينجز وڏا آهن پر ان سان گڏ موقعا به بي شمار آهن. هن ??يو ته عورتن جي ??عل??م کي قومي بجيٽ ۽ پاليسي جو لازمي حصو بڻائڻ گهرجي. هن ??يو ته هو اهڙي معاشري ۾ وڌي ويجهي جتي صنفي فرق عام هو، جتي نياڻين کي ??عل??م کي اڪثر نظرانداز ڪيو ويندو هو، ??عل??م منهنجي زندگي ۾ انقلاب پيدا ڪيو ۽ اڄ آئون ان مقام تي آهيان جتي ملڪ جي خدمت ڪري رهي آهيان. ان موقعي تي او آءِ سي ۽ رابطا عالم اسلامي، نياڻين جي ??عل??م لاءِ اسٽريٽجڪ حصيداري جي قيام لاءِ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون به ڪيون ۽ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحه ۽ رابطا عالم اسلامي جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسي ايم او يو تي صحيحون ڪيون. واضح رهي ته ڪانفرنس ۾ 47 مسلم ۽ دوست ملڪن جي وزينر، سفيرن، ??عل??مي ماهرن ۽ اسڪالرن نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي سميت 150 کان وڌيڪ عالمي ناليواريون شخصيتن شرڪت ڪئي، ان کانسواءِ يونيسڪو، يونيسيف ۽ عالمي بئنڪ سميت مختلف عالمي تنظيمن جا نمائندا به ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا.