اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خ??اف کنيل تازن قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته انساني اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خ??اف سخت ڪارروايون خوش آئنده آهن، انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سمورن گروهن جي خ??اف سخت ڪاررو??ئي ڪئي وڃي ۽ انهن کي عبرت جو نشان بڻايو وڃي. وزيراعظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خ??اف قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم ايف آءِ اي پاران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث سرڪاري اهلڪارن جي خ??اف کني?? قدمن کي ساراهيندي چيو ته انساني اسمگلرن جي سهولتڪار سرڪاري آفيسرن جي خ??اف تازين سخت ڪاررواين جي شروعات خوش آئنده آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سهولتڪارن جي خ??اف سخت ڪاررو??ئي کانپوءِ سخت قدم پڻ کنيا وڃن. ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي سمورن گروهن جي خ??اف سخت قانوني ڪاررو??ئي ڪئي وڃي ته جيئن اهي عبرت جو نشان بڻجن. وزيراعظم حڪم ڏنو ته انساني اسمگلرن جي ملڪيتن ۽ اثاثن جي ضبطگي جي لاءِ فوري قانوني ڪاررو??ئي عمل ۾ آندي وڃي ۽ ان مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن ماڻهن جي خ??اف پراسيڪيوشن جي عمل کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت سان مشاورت کانپوءِ اعليٰ ترين درجي جا وڪيل مقرر ڪيا وڃن. پرڏيهي آفيس ٻاهرئين ملڪن مان انساني اسمگلنگ جو ڪارو??ار هلائيندڙ پاڪستانين جي خ??اف ڪاررو??ئي جي لاءِ ڪيترن ئي ملڪن سان رابطو ڪري ۽ انهن جي پاڪستان حوالگي جي حوالي سان جلد کان جلد قدم کڻي. هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي گهرو وزارت جي تعاون سان عوام ۾ ٻاهرئين ملڪ نوڪرين جي لاءِ رڳو قانوني رستو اختيار ڪرڻ جي حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ اهڙن ٽيڪنيڪل ٽريننگ ادارن جو واڌارو ڪيو وڃي جيڪي موجوده دور جي گهرجن موجب سرٽيفائيڊ ۽ پيشيواراڻي مهارت رکندڙ افرادي قوت ٻاهرئين ملڪ فراهم ڪري سگهن. هن هو??ئي اڏن تي ٻاهرئين ملڪ ويندڙ ماڻهن جي اسڪريننگ جو عمل وڌيڪ موثر بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ انساني اسمگلنگ جي خ??اف کني?? قدمن، سهولتڪارن جي خ??اف قانوني ڪاررو??ئي ۽ انساني اسمگلنگ جي خاتمي لاءِ قانونسازي جي حوالي سان اڳڀر??ئي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.