اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چين پاڪستان مثالي دوستي ج?? ا??ميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت چيني ڪمپني پاران بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ جوائنٽ وينچر تحت سيڙپڪاري جي آڇ جي آجيان ڪري ٿي، ان ڏس ۾ حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، صحت واري وزير ان باري ۾ ٽاسڪ فورس قائم ڪري ته جيئن منصوبي تي جلد ڪم شروع ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان چيني ڪمپني سينوويڪ جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪيانگ گواو جنرل مينيجر سينوويڪ، ڊائريڪٽر انٽرنيشنل بزنس ڪيون زينگ، صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر نيشنل ا??سٽيٽيوٽ آف هيلٿ ميجر جنرل پروفيسر عامر اڪرام ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ڪووڊ – 19 ويڪسينيشن مهم دوران سينوويڪ پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل ويڪسين جي حوالي سان بريف??گ ڏني وئي، ان کانسواءِ سينوويڪ پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري بيمارين جي سڃاڻپ، بچاءُ ۽ علاج لاءِ هڪ جوائنٽ وينچر بڻائن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم چين پاڪستان مثالي دوستي ج?? ا??ميت تي زور ڏيندي چيو ته حڪومت چيني ڪمپني پاران سيڙپڪاري ج?? ا?? آڇ جي آجيان ڪري ٿي ۽ ان حوالي سان هر قسم جو تعاون فراهم ڪندي. وزيراعظم صحت واري وفاقي وزير ک?? ا?? حوالي سان فوري طور تي ??ڪ ٽاسڪ فورس ??ڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن سينوويڪ ڪمپني جلد ان منصوبي تي ڪم شروع ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سڌو سنئون ٻاهرين سيڙپڪاري وڌائڻ حڪومت ج?? ا??لين ترجيحن ۾ شامل آهي. پاڪستان ڪووڊ- 19 جي دوران چيني تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.