اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انصاف، پارليامينٽ ۽ ايگزيڪيٽو کانپوءِ احتساب رياست جو اهم ??قص?? بڻجي چڪو آهي، احتساب طاقتور ۽ وڏي ماڻهو کان شروع ٿيڻ گهرجي، نئين تاريخ بڻجي چڪي آهي ته پاڪستان ۾ احتساب غير سياسي بنيادن تي اڳتي وڌي رهيو آهي، نيب قانون موجب جنهن تي الزام لڳندو آهي اهو ثابت ڪندو آهي ته منهنجي دولت جائز آهي يا نيب جو الزام درست آهي، قومي احتساب بيورو اخ??ارن ۾ شايع ٿيندڙ خبرن تي رد عمل ڏيڻ ڇڏي ڏي، هر شيءَ کي ??بر بڻائڻ اخ??ار جو ڪلچر بڻجي چڪو آهي، دنيا ۾ احتساب جمهوري حڪومتن جي قيام کانپوءِ آيو پر سڀ کان پهرين مسلمانن لاءِ احتساب جو نظام حضور صه جي دور ۾ شروع ٿيو، مديني جي رياست هر مسلمان جو خواب آهي. هو بدعنواني جي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي ??طاب ڪري رهيو هو.