اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي ??ي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ملڪ جي عور??ن کي خراج تحسين پيش ڪيو جيڪي ملڪ ج?? ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مختلف شعبن ۾ ڪردار ا??ا ڪر?? رهيون آهن. عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ان ڏينهن کي ملهائيندي اسان کي عورتن جي لاءِ هر شعبي ۾ برابر موقعن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي عزم کي ورجائڻو پوندو.