ڪراچي – 03 آگسٽ ( اي پي پي ) پاڪستان تحر??ڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ پي ٽي آئي اڳواڻن سان گڏ حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل سال دهشتگرد مودي سرڪار ڪشمير تي ظلم، ڏاڍ، جبر ڪندي غير آئيني ط??ر تي آرٽيڪل 370 ختم ڪري ڪشمير?? عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو هو. پنج آگسٽ 2020 تي مودي سرڪار جي دشتگردي کي 365 ڏينهن مڪمل ٿيڻ وارا آهن. هڪ سال دوران 13582 ڪشميري ماڻهن کي مودي سرڪار گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، 1331 نوجوان کي قيد ڪري ظلم ڪ??و ويو. هڪ بزرگ شهري کي قتل ڪري ان جي ڏوهٽي کي مٿان ويهاريو ويو اهو ظ??م پوري دنيا ڏٺو. هڪ هزار کان مٿي ڪمشير?? عوام جا گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا ويا آهن. پوري سال کان ڪشمير ۾ موبائل سروس، انٽرنيٽ، سميت سمورو مواصلاتي نظام بند پيل آهي مودي سرڪار نٿي چاهي ٿي سندس دشتگردي دنيا ڏسي. انهي عرصي ۾ هڪ لک چوئيتاليهه هزار پنج سو ڪشميري نوجوانن کي لاڪ ڊائون لڳائي بي زورگار ڪيو ويو.