اسلام آب??د – 07 آگسٽ (اي پي پي) آب??دي جي ڀلائي بابت ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ماڻهن ۾ آب??دي ۾ تيزي سان اضافي جي نقصانن بابت شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا ۽ عالم سڳورن کان تعاون وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو، اجلاس ۾ عوامي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾ خانداني منصوبابندي ۽ توليدي صحت جي حوالي سان پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي قومي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي جي صدارت هيٺ فار الارمنگ پاپوليشن گروٿ بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو جنهن جو مقصد ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آب??دي جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ وڌندڙ آب??دي تي ضابطوآڻڻ جي لاءِ مخگتلف تجويزن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سميت سمورين صوبائي حڪومتن اجلاس کي خانداني منصوبابندي بابت کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. بلوچستان جي وڏي وزير اجلاس ۾ تجويز ڏني ته ماڻهن کي مالي مراعتن جي ترغيب ڏيڻ ??ان آب??دي ۾ اضافي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گهٽ آب??دي وارن صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت مالي ترغيبات ڏيڻ ??ي تجويز ڏني. اجلاس ۾ ماڻهن ۾ آب??دي ۾ تيزي سان اضافي جي نقصانن بابت شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ ميڊيا ۽ عالم سڳورن کان تعاون وٺڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ عوامي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ڏس ۾ خانداني منصوبابندي ۽ توليدي صحت جي حوالي سان پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي قومي مهم شروع ڪرڻجي ضرورت تي زور ڏنو ويو. اجلاس ۾ اها ڳالهه زور ڏئي چئي وئي ته سموريون صوبائي حڪومتون عوام کي خانداني منصوبابندي جي حوالي سان باخبر آگاهه رکڻ جي لاءِ عالم سڳورن کان مدد حاصل ڪن. اجلاس ۾ مزهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري ??زا??ت ۽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي هڪ مهيني جي عرصي ۾ عالم سڳورن سان اجلاس منعقد ڪرائڻ ۽ انهن کان آب??دي تي ضابطو آڻڻ ۾ تعاون طلب ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي.