اسلام آباد – 19 مارچ (اي پي پي) گذريل 24 ڪ??اڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪ??اڪند وران ڪورونا وائرس سبب 40 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حولي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آ??ن. ??ين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪ??اڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 449 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي ??حا?? کان ملتان ۾ 41 سيڪڙو، لاهور ۾ 39 سيڪڙو، پشاور ۾ 26 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 51 سيڪڙو مريض آ??ن. ??هڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي ??حا?? کان پشاور ۾ 53 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 40 سيڪڙو، گجرات ۾ 75 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 32 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪ??اڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 42 هزار 845 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 527، پنجاب ۾ 15 هزار 818، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 443، اسلام آباد ۾ 7 هزار 291، بلوچستان ۾ 453، گلگت بلتستان ۾ 289، آزاد ڪشمير ۾ 1024 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 78 هزا?? 314 ٿي چڪو آهي.