اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ معاشي طور تي ??ستحڪام طرف وڌي رهيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تحريڪ انصاف جي چونڊ سڌارن جو اه?? حصو آهي، اوورسيز پاڪستانيز کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي ايجنڊا آهي، اوورسيز پاڪستانين کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن قدم کڻي، وفاقي ڪاب??نا ڪورونا سان مقابلي لاءِ بوسن??ا کي طبي امداد ۽ دوائون موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. زيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪاب??نا جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪاب??نا جي اجلاس ۾ وڌيڪ معيشت تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته اڄ ڪاب??نا جو اجلاس پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون پيپر ليس اجلاس هو.