اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب، گلگت بلتستان جي ت??زي?? چونڊن ۾ توهان جي اميدوارن جون ضمانتون ضبط ۽ بدترين شڪست ٿي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير اليڪشن ۾ به ائين ئي شڪست توهان جي منتظر آهي، پوري قوم ڄاڻي ٿي ته گلگت بلتستان جي اليڪشن کان اڳ به توهان ائين ئي رڙيون ڪري رهيا هئا، ڪشميري بلاول جهڙي بنارسي ٺڳ کي چونڊن ۾ رد ڪندا. بلاول جي بيان تي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول، زرداري جي ڪرپشن جو وارث آهي، ڪشميرين کي خبر آهي عمران خان ئي انهن جو سچو ??فير ۽ ڇوٽڪارو ڏياريندڙ آهي، عمران خان جي ڪوشش?? سان ڪشمير مسئلي کان ??ني?? واقف ٿي چڪي آهي.