اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين ۾ ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوص?? ماڻهن جي ڀلائي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته شاگردن جي اخلاقي تربيت جي حوالي سان تدريسي حصي ۾ اضافي ۽ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ وڌايو ??ڃي جڏ??ن ته ڪورونا جي ڪري تعليمي نقصان کان بچڻ جي لاءِ انفارميشن ٽيڪنالاج?? مان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي. هو ڪيپيٽل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪانلاجي (ڪسٽ) اسلام آباد بابت ب??يف??گ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو ??و. ڪسٽ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمند منصور احمد يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت صدر کي ب??يف??گ ڏني. ان موقعي تي صدر يونيورستين تي زور ڏنو ته اهي ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوص?? ماڻهن جي ڀلائي جي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائين، ايڇ اي سي جو خصوص?? ماڻهن کي ٽيوشن فيس ۽ هاسٽل فيس جي مد ۾ ڇوٽ ڏيڻ خوش آئنده آهي. صدر چيو ته يونيورسٽيون شاگردن جي اخلاقي تربيت جي حوالي سان تدريسي حصي ۾ اضافو ڪن، يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ ۽ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ وڌائڻ جي ضرورت آهي. ه?? چيو ته ڪسٽ يونيورسٽي پنهنجي ويزن کي جديد گهرجن موجب آڻيندي مقصد حاصل ڪرڻ جي مدو تعين ڪري. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته يونيورسٽي جو آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبي تي خاص ڌيان ڏي جڏ??ن ته يونيورسٽي فاصلاتي تعليم جو مقدار وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، ڪورونا جي ڪري قيمتي تعليمي وقت جو زيان گهٽ ڪرڻ جي لاءِ جديد انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ضرورت آهي. صدر عارف علوي چيو ته پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر يونيورسٽين جي وچ ۾ رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون انڊسٽري جي ضرورتن موجب شاگردن کي هنر سيکارين. ب??يف??گ ۾ ٻڌايو ??يو ته ڪسٽ يونيورسٽي ايڇ اي سي جي منشيات جي خاتمي ۽ خصوص?? ماڻهن جي لاءِ پاليسي تي عملدرآمد شڊروع ڪري ڇڏيو آهي، ڪسٽ يونيورسٽ?? مان هيستائين 19 هزار کان وڌيڪ شاگرد فارغ التحصيل ٿي چڪا آهن، مختلف پروگرامن ۾ هن وقت 5 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. ب??يف??گ مجب ڪسٽ يونيورسٽي سال 21 – 2020ع ۾ 14 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جون اسڪالرشپس ڏنيون. صدر تعليمي شعبي ۾ ڪردار ۽ خصوص?? ماڻهن جي لاءِ نئين پاليسي اختيار ڪرڻ تي ڪسٽ يونيورسٽي کي ساراهيو.