اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي آهي ته آرمي پبلڪ اسڪول (اي پي ??يس) سانحي جي ذميوارن کي بي نقاب ڪنداسين. سپريم ڪور?? ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي گهرو وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ اي پي ??يس سانحي بابت صورتحال پيش ڪئي ۽ يقين ڏياريو ته سانحي ۾ جيڪي به ذميوار آهن انهن کي بي نقاب ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ج??ڪڏهن عدالت کي نواز شريف گهربل آهي ته گهرو وزارت 24 ڪلاڪن ۾ نواز شريف کي واپس آڻڻ جي لاءِ پاسپورٽ ۽ ضروري دستاويز فراهم ڪندي.