گوجرانوالا-03 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون ??ليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ذريعي ڪرايون وينديون ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق به ملندو. پنجاب ۾ ايندڙ مڪاني چونڊون ??ه اي وي ايم ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪي?? آهي. گوجرانوالا ۾ اوورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف سڄي ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ??ـ صاف سٿري سياست تي يقين رکي ٿي، سياسي پارٽيون چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي رڙيون ڪنديون ??هن، پر پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن چونڊ سڌارن جي ذميواري کنئي ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪئي وئي آهي جنهن تحت ايندڙ چونڊون ??ي وي ايم ذريعي ڪرايون وينديون. ڌانڌليءَ جو خاتمو ٿيندو ۽ پاڪستان کي جمهوري لحاظ کان هٿي ملندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اهڙي مڪاني نظام جو خواهشمند آهي جنهن ۾ حقيقي طور تي اقتدار جي منتقلي ٿئي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته عوام جو چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ جي اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين شين جو فيصلو ڪري سگهندو. هن چيو ته حڪومت عوام سان ڪي?? وعدا پورا ڪري رهي آهي.