لاهور – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ميڊيا ۽ جمهوريت کي مڪمل آزادي حاصل آهي، صحافت جي شعبي ۾ فيڪ نيوز پکيڙڻ تمام آسان ٿي ويو آهي، اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ ڪوڙيون خبرون پکيڙڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، ميديا ۾ توازن رکڻ ضروري آهي، مسلم دنيا ۾ پاڪستان جو ڪو مقابل نه آهي، اس??ن پنهنجي صحافتي آزادين جو تقابل ٿرڊ ورلڊ يا مسلم ورلڊ سان نه پر فرسٽ ورلڊ سان ڪريون ٿا، پاڪستان جڏهن ٺهيو ته دنيا جا مسلمان ان کي نشاط ثانيه جي طور تي ڏسي رهيا هئا، عورت ليڊرشپ پيدا ڪرڻ ۾ مسلمانن اهم ڪر??ار ادا ڪيو، مولانا محمد علي جوهر ۽ مولانا شوڪت علي صحافت جا روشن ستارا هئا، مولانا ظفر علي خان مرح??م کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهتر??ن طريقو اهو آهي ته اس??ن صحافت ڪريون ذميواري سان. اهڙن خيالن جو اظهار هن مولانا ظفر علي خان مرحوم جي 65 هين ورسيءَ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا ظفر علي خان مرح??م کي پاڪستان ۾ باباءِ صحافت چيو وڃي ٿو، ه?? تحريڪ پاڪستان جو اهم اڳواڻ هو. هن چيو ته اس??ن جي بزرگن تحريڪ پاڪستان جي لاءِ سرگرم ڪر??ار ادا ڪيو، 1946ع ۾ چوڌري اويس جهلم ضلعي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو صدر رهيو، منهنجو چاچو چوڌري الطاف 1952ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر رهيو، مختلف حيثيتن سان هن تحريڪ پاڪستان جي لاءِ پنهنجو ڪر??ار ادا ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 1870ع ۾ پهرين اخبار هيڪن گزٽ جي نالي سان ڪوڪلڪتا مان شايع ٿي، ه??دستان جي مختلف شهرن ۾ صحافت جو وڏو غلبو رهيو آهي، اتر انڊيا ۾ صحافت جو مرڪز لاهور هو، لاهور مان تمام وڏيون اخبارون شايع ٿيون. هن چيو ته 1903ع ۾ مولانا ظفر علي خان جي والد زمين??ار اخبار شروع ڪئي. واشنگٽن ۾ قائم اخبارن ۽ ميڊيا بابت ميوزيم جي طرز تي اس??ن کي لاهور ۾ به ميوزيم ٺاهڻ گهرجي، لاهور ۾ اردو بازار تاريخي اهميت رکي ٿي، ڪتاب ۽ پرنٽنگ سان شرف رکندڙ ان مان فائدو کڻي سگهن ٿا.