اسلام آباد – پهرين جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي، ڀار?? جي ابتڙ پاڪستان ۾ اقليتن جي نمائندگي وڌيڪ آهي ۽ اقليتن کي وڌي?? حق ڏنا ??يا آهن. هن اها ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ اقليتي ميمبر لال چند مالهي جي قيادت ۾ اقليتن جي وفد سان ڪراچي جي گورنر هائوس ۾ ملاقات دوران چئي. صدر چيو ته سنڌ صوبو مذهبي هم آهنگي ۽ برداش?? جي حوالي سان ڊگهي تاريخ جو امين آهي. هن چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح سدائين مل?? جي سمورن شهرين جي عقيدي ۽ مسلڪ کان مٿانهون هڪ جهڙن حقن جي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ مذهبي س??اح?? جي فروغ لاءِ ڪيترائي قدم کنيا آهن، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ٺٽي ۾ هندومت ۽ ٻڌمت جا تاريخي مذهبي آثار آهن ۽ انهن علائقن ۾ مذهبي س??احت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪستان جي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار کي پڻ ساراهيو.