اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عثمان مرزا، جي ٽي روڊ ريپ ڪ??س ۽ جتوئي ڪيس اسان جي انص??ف جي نظام لاءِ چئلينج آهن. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سوال اهو آهي ته اهي ڪيس روزاني جي بنياد تي ڇو نه هلي رهيا آهن ۽ انهن کي عام ڪيسن وانگر ڇو ورتو پيو و??ي، پراسيڪيوشن ۽ عدالت پنهنجي ذميداري نڀائين، هن چيو ته انهن ڪيسن کي م??طق?? انجام تائين پهچائڻ رياست جو فرض آهي.