اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وز??را??ظم عمران خان پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ م موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪ سريلنڪا آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي واپار واري وزير ڊاڪٽر بندولا گنا ورڌنا ۽ علائقائي تعاون واري رياستي وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهائيندي چئي جن وز??را??ظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ڊاڪٽر گنا ورڌنا ۽ ٿراڪا بالا سوريا سريلنڪا جي هڪ واپاري وفد سا?? گڏ هن وقت 20 کان 27 جنوري 2022ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيا آهن. وز??را??ظم عمران خان ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ موجود مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي مٽاسٽا جي اهميت تي زور ڏنو. وز??را??ظم ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪستان سريلنڪا ايف ٽي اي کي استعمال ۾ آڻيندي ٻطرفن واپاير لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. وز??را??ظم پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ مضبوط ثقافتي رشتن جو ذڪر ڪندي وز??را??ظم سريلنڪن وفد جو ڌيان پاڪستا?? جي تاريخي ٻڌمت ثقافتي ورثي طرف ڇڪرايو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته سريلنڪن شهري وڏي انگ ۾ مذهبي سياحت جي لاءِ پاڪستان ايندا. ڊاڪٽر بندولا گنا وڌرني سريلنڪا جي لاءِ گرم جوشي ۽ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪرڻ تي وز??را??ظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان سان واپار، آءِ سي ٽي، فارماسيوٽيڪل، معدنيات، ٽيڪسٽائيل، تعليم، دفاع، سياحت، انساني وسيل?? جي ترقي جي مختلف شعبن ۾ بزنس ٽو بزنس رابطن، گڏيل منصوبن، اعليٰ صلاحيت?? جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۾ پاڪستان سان تعاون کي سگهه ڏيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.