اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آ??ن، ملڪ ۾ روزگا?? جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي تجربي مان فائدو کڻڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ڊي اي جي تجويز ڪيل عالمي معيار جي هائوسنگ منصوبي، اوورسيز انڪليو اسلام آباد بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي 90 لک سمنڊ پار پاڪستانين کي معاشي ترقي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آ??ن، اسان ملڪ ۾ روزگا?? جا موقعا ۽ آمدني وڌائڻ جي ل??ءِ انهن جي مهارت ۽ خدمتن مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سي ڊي اي اسلام آباد ۾ هڪ اهم جڳهه تي اٽڪل 6000 اپارٽمينٽس جو ڪلسٽر تيار ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي جتي اٽڪل 35000 ماڻهن کي عالمي معيار جي رهائش جي سهولت حاصل ٿيندي، اهو منصوبو مڪل طور تي پائيدار ۽ انتهائي محفوظ هوندو ۽ سمورن سمنڊ پار پاڪستاني سيڙپڪارن کي پرڪشش واڪ جي سهولت حاصل هوندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان تجويز ڪيل هائوسنگ اپارٽمينٽس جي اعليٰ معيار جي تعمير، تيز رفتار پڄاڻي ۽ مسابقتي قيمتن جي تعين کي يقيني بڻائين ته جيئن سمنڊ پار پاڪستانين ??ار??ن انهن کي سيڙپڪاري جي ل??ءِ پرڪشش بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي اوورسيز واري خاص معاون سيد طارق محمود الحسن، نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته سي اي او اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي عمران امين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.