اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پ??ڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي ا??لين ترجيح ڏي ٿو، افغانستان ۾ پاڪستا?? جي مدد سان تعمير ٿيندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطي ۾ تعاون ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان بابت ايپڪس ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پ??ڪستاني يونيورسٽين ۾ تعليم پرائيندڙ افغان شاگرد افغانستا?? جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا ۽ ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن کي مضبوط بڻائيندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته انه?? جي لاءِ وظيفا جاري رکيا وڃن ۽ سمورا ضروري وسيلا دستياب ڪيا وڃن. پاڪستان ۽ افغانستا?? جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ا??ڪان?? جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پ??ڪستان افغانستان سان ڪاروباري لاڳاپن ۽ مواصلاتي منصوبن کي ا??لين ترجيح ڏي ٿو ۽ حڪومت پاران مڪمل سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته پ??ڪستان افغانستان ۾ پاڪستا?? جي مدد سان تعمير ڪئي ويندڙ اسپتالن ۽ افغانستان سان وسيع تر روڊ ۽ ريل رابطا قائم ڪرڻ ۾ تعاون ڪندو. ان کان اڳ ايپڪس ڪميٽي کي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف افغانستا?? جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته اهي ا??غان عوام جي ا??داد جي لاءِ اعلان ڪيل منصوبن ۽ واعدن تي تيزي سان عمل ڪن. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شوڪت فياض ترين، چوڌري فواد حسين، شفقت محمود، اعظم خان سواتي، شيخ رشيد احمد، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي.