اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين روزاني الاخبار جي چيف ايڊيٽر غلام اڪ??ر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته غلام اڪبر ??حا??ت ج?? شعبي ۾ پنهنجي جدا سڃاڻپ ۽ مقام رکندو هو، الاخبار ۾ سندس ڪالم ”اڄ جي ڳالهه“ جا پڙهندڙ سدائين منتطر رهندا هئا. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير دع?? ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ گهرڀاتين کي ص??ر جميل عطا فرمائي.