اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ڪا??ونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي اقتصادي ڪا??ونسل جو چيئرمين ۽ چئني ص??بن جا وڏا وزير ڪا??ونسل جا ميمبر هوندا. وفاق مان منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود اقتصادي ڪا??ونسل جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن ته پنجاب مان سردار اويس احمد خان لغاري ۽ سنڌ مان سينيٽر نثار احمد کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ڪا??ونسل جي ميمبر طور منظور ڪيا ويا، ??يبرپختونخواهه مان ناڻي وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي وارو سينيئر وزير نور محمد دمڙ ب??ور ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين، ناڻي وارو سيڪريٽري، اقتصادي معاملن وارو سيڪريٽري ۽ منصوبابندي ڊويزن وارو سيڪريٽري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ڪا??ونسل جي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم سمري تحت قومي اقتصادي ڪا??ونسل جي نئين سر جوڙجڪ جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ڪا??ونسل جي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.