ڪراچي- 09 جون ( اي پ?? پي)قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ڊاڪٽر عامر لياقت حسين 49 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪري ويو. عامر لياقت حسين کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي معائني کان پوءَ ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته عامر لياقت کي جڏهن اسپتال آندو ويو ته هو فوت ٿي چڪ?? هو موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ جي لاءِ فوتي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ عامر لياقت جي ڊرائيور جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي اب??ڻي گهر خداداد ڪا??وني ۾ هو ان جي ڪمري جو دروازو کڙڪايو پر ڪو به جواب نه مليو جنهن بعد دروازو کولي اندر داخل ٿياسين ته هو بيهوشي جي حالت ۾ بستري تي پ???? هو جنهن بعد فورن کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ، عامر لياقت جي ملازم جاويد جو چوڻ آهي ته گذريل رات عامر لياقت سيني ۾ سور جي شڪايت ڪئي هئي جنهن تي اسان کيس اسپتال هلڻ لاءِ چيو پر هن انڪار ڪري ڇڏي?? هو ۽ پوءِ صبح جو سندس ڪمري مان رڙ جو آواز به آي?? هو. ڊاڪٽر عامر لياقت جي موت جو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ايسٽ رحيم شيرازي عامر لياقت جي گهر پهچي گهر جو معائنو ڪيو جڏهن ته فرانزڪ عملي سميت ٻين تحقيقاتي ادارن به گهر جو معائنو ڪيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ معاملو ڪليئر ٿي ويندو ۽ موت جو ڪارڻ سامهون اچي ويندو.