حيدرآباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صاحبزاده شبير انصا??ي 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني طور تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ??تم ڪرڻ جهڙي ڪڌي قدم جي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي سڄي ملڪ ۾ استحصال ڏهاڙو ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي ايم اين اي چيو ته هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڪشمير جي معصوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ ملڪ جي ٻين سياسي پارٽين پاران ريليون ڪڍيون وينديون ۽ ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن جي خل??ف آواز اٿاريو ويندو. هن چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي ۽ ان مسئلي کي گڏيل قو??ن جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ڪشمير مسئلي کي ??دائين گڏيل قو??ن سميت سمورن فورمن تي اجاگر ڪيو آهي. هن حيدرآباد جي شهرين کي ??پيل ڪئي ته اهي 5 آگسٽ تي ڪڍي ويندڙ ريلين ۾ ڀرپور شرڪت ڪري ڀارت جي والاريل ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي جي خل??ف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائين.