اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمبوڊيا جي ??هر نوم پنه ۾ 29 هين آسيان ريجنل فورم جي وزارتي اجلاس جي موقعي تي پنهنجي ??اپاني هم منصب هياشي يوشيما سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ لاڳاپن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ گذريل 70 سالن ۾ مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي اڳوڻن ٻطرفي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي وزير هياشي يوشيما پاڪ جاپ??ن لاڳاپن کي رفتار فراهم ڪرڻ جي لاءِ هر ??طح تي ٻطرفا رابطا وڌائڻ کي ورجايو. هنن گڏيل دلچسپي جي ??لائقائي ۽ عالمي معاملن ت?? رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.