اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي مڪمل ري رڪارڊ قوم?? تراني جي شروعات ڪندو، پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي سمورا پاڪستاني پرجوش آهن، اسان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي و??ثي کي اجاگر ڪنداسين، اطلاعات واري و??ارت جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي سالگرهه قومي جذبي سان ملهائي پئي وڃي. اها ڳالهه هن ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز جي اهتمام هيٺ ڊيجيٽل فوٽوگرافي نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي اطلاعات واري و??ارت جي اهتمام هيٺ مختلف تقريبن جو شيڊيول جوڙيو ويو آهي. هن سال 75 هين سالگرهه جي موقعي تي قوم?? تراني جي نئين سر رڪارڊنگ مڪمل ڪئي و??ي آهي جنهن جو پرومو اڄ جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته 1954ع ۾ قوم?? ترانو پهريون ڀيرو رڪارڊ ٿيو هو، ان کانپوءِ ان ۾ جدت آندي ويندي رهي. هن چيو ته نئين سر رڪارڊ قوم?? ترانو پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ مان آرٽسٽن گڏجي ڳايو آهي. هن ٻڌايو ته قوم?? تراني جي رڪارڊنگ جو ڪم 2017ع ۾ شروع ٿيو هو، گذريل حڪومت ۾ به ان تي ڪم جاري رهيو، گذريل چئن مهينن کان ان تي اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، هي هڪ اهڙو منصوبو آهي جنهن تي اسان سڀني کي فخر آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم 14 آگسٽ تي نئين سر رڪارڊ ڪيل قوم?? ترانو قومي جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ۾ رليز ڪندو. هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي 30 سالن کان گهٽ عمر نوجوانن تي ٻڌل آهي، هن ڀيري پاڪستان جي 75 هين سالگرهه ملهائڻ ۾ نوجوانن سميت هر پاڪستاني پرجوش آهي. ڪافي ٽيبل بڪ جي ڊيجيٽل لانچ جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي و??ير ٻڌايو ته ڪافي ٽيبل بڪ ۾ پاڪستان جي ثقافت کي اجاگر ڪيو ويو آهي، ڪو به شخص ڪافي ٽيبل بڪ کي پنهنجي موبائيل تي ڊائون لوڊ ڪري ڏسي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪافي ٽيبل بڪ کي ڪيو آر ڪوڊ سان لنڪ ڪيو ويو آهي، موبائيل فون جي ذريعي ڪيو آر کي اسڪين ڪري ڪافي ٽيبل بڪ کي ڏسي سگهجي ٿو. مريم اورنگزيب چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه تي اسان پنهنجي قومي هيروز، قومي ثقافت ۽ قومي و??ثي کي اجاگر ڪنداسين. هن عوام کي اپيل ڪئي ته اها ان ڏينهن پاڪستان ٽيليويزن ضرور ڏسي، قومي چينل تي پاڪستان ڪهاڻي جي نالي سان مختلف سيريز پيش ڪيون پيون وڃن، انهن سيريز ۾ ملڪي تاريخ کي بيان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان ۽ پي ٽي وي تي اهي سموريون اسٽوريز ٻارن ۽ نوجوانن جي لاءِ پيش ڪيون پيون وڃن جن ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڏني ويندڙ قربانين جو ذڪر آهي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان روزانو جون سرگرميون پي ٽي وي تي ٽيليڪاسٽ ڪيون پيون وڃن، 75 س??لا تقريبن ۾ پاڪستان جي اندر ٽيڪنالاجي، ماس ٽرانزٽ، ڪنيڪٽيويٽي، پاڪستان هڪ ائٽمي قوت جي حوالي سان سمورين شين کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي 75 س??لا تقريبن جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي پڻ مهم جاري آهي. هن چيو ته ملڪ?? ترقي جي لاءِ اسان هر ڏينهن سرگرمين کي اجاگر ڪري رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي و??ير ڊيجيٽل تصويري نمائش منعقد ڪرڻ کي ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز کي مبارڪباد پيش ڪئي. واضح رهي ته نمائش جو انعقاد ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز پاران ڪيو ويو هو. اطلاعات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب سميت اطلاعات واري و??ارت جا اعليٰ عملدار پڻ تقريب ۾ موجود هئا جن ڊيجيٽل تصويري نمائش جو جائزو ورتو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي و??ير ڪافي ٽيبل بڪ جو پڻ افتتاح ڪيو. تقريب ۾ پاڪستان جي آزادي جي حوالي سان دستاويزي فلم پڻ ڏيکاري و??ي.