اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ منهنجي تقرير جو بنيادي مقصد دنيا کي اه?? باور ڪرائڻ هو ته جيڪا موسمياتي آفت دنيا کي درپيش آهي جيڪڏهن ان جي خاتمي لاءِ فوري قدم نه کنيا وي?? ته ان جون تباهيون پاڪستان تائين محدود نه رهنديون، دنيا تي واضح ڪيو ته پاڪستان ڀارت سان پرامن ۽ سٺن پاڙيسري لاڳاپن جو خواهشمند آهي ان لاءِ ڀارت غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جو هڪطرفو قدم واپس وٺ??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ منهنجي خطاب جو خلاصو اه?? هو ته دنيا خبردار ر??ي ته انسانيت کي ڪهڙا خطرا درپيش آهن، پاڪستان اڄڪلهه جنهن موسمياتي آفت کي منهن ڏئي رهيو آهي جيڪڏهن فوري طور تي ان جي خاتمي لاءِ قدم نه کنيا وي?? ته اه?? سلسلو پاڪستان تائين ئي محدود نه رهندو پر اه?? انسانيت جي لاءِ همدردي ۽ ڳڻتي جو پهلو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي پرڏيهي پاليسي جي لاءِ درپيش اه?? مسئلن تي پاڪستان جو موقف بيان ڪرڻ س??ن گڏوگڏ مون دنيا تي واضح ڪيو ته پاڪستان ڀارت سان پرامن ۽ سٺن پاڙيسري لاڳاپن جو خواهشمند آهي ان جي لاءِ ڀارت کي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي قدم ۽ ان کانپوءِ آبادي جي تناسب جي تبديلي سميت ٻيا کنيل قدم روڪڻا پوندا.