اسلام ڪوٽ – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٿر ڪول منصوبو شروع ٿيڻ سان ٿر ??ي عوام کي روزگار مليو آهي، ڊسمبر ۾ هڪ ٻئي منصوبي جو افتتاح ڪيو ويندو، صوبي ۾ تاريخ جي تمام وڏي ٻوڏ آئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ٿر ??نرجي بلاڪ ٽو ۽ ٿر ڪول مائنز ٽو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٿر ڪول منصوبو شروع ٿيڻ سان ٿر ??ي عوام کي روزگار مليو آهي. ڊسمبر ۾ هڪ ٻئي منصوبي جو افتتاح ڪيو ويندو. ڪنهن کي به گمان نه هو ته ٿرپارڪر جي ريگستان مان ڪوئلو برآمد ٿيندو. اسان کي ترقي جو هڪ نئون سلس??و شروع ڪرڻو پوندو. صوبي ۾ تاريخ جي تمام وڏي ٻوڏ آئي. ڏينهن رات محنت ڪريون ته هڪ سال ۾ گرين انرجي ۾ انقل??ب اچي سگهي ٿو. سرڪاري ۽ نجي شعبي جي گڏجي ڪم ڪرڻ سان ٿيندڙ ترقي جا اثر عوام تي به پون ٿا. هن چيو ته ٿر ??ي عوام جي لاءِ حڪومت سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. ٿر ??ي ڪري پاڪستان بدلجي چڪو آهي. صوبائي حڪومت پ??هن??ون ذميواريون پوريون ڪيون آهن ۽ ان سلسلي ۾و فاقي حڪومت به مڪمل مدد ڪئي آهي. ٿر ??ان بجلي جي پيداوار جا منصوبا چين پاڪستان دوستي جو ثبوت آهن.