سکر-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سکر سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، گذريل ڏينهن سکر، شڪارپور، گهوٽڪي، خيرپور، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ نوشهروفيروز ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي طور ڪ??رو ڏينهن ملهايو ويو، ان موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪم??نر نوشهروفيروز مهدي مالوف ??ي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪم??نر آفيس کان ريلي ڪڍي وئي، ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي سلسلي ۾ نوشهروفيروز ۾ ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪم??نر سيد عمار حسين، اسسٽنٽ ڪم??نر احسان الله يوسفزئي کانسواءِ سمورن کاتن جي آفيسرن ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ريلي جي پچاڻي تي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪم??نر مهدي مالوف چيو ته سڄي دنيا ۾ 27 آڪٽوبر کي ڪاري ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪ??ڻ آهي، اسان ڪشميرين تي ٿيل ظلم ۽ ڏاڍ جي مذمت ??ريون ٿا، اڄوڪي ڏينهن اسان اهو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ آهي.